صراط المستقيم

صراط المستقيم (رسالو): هيءُ رسالو ڊاڪٽر مدد علي ميرزا ۽ سيد عبدالحسين شاه موسويءَ جي ڪوششن سان حيدرآباد مان جولاءِ 1923ع کان جاري ٿيو ۽ ڪجهه عرصي بعد روهڙيءَ مان شايع ٿيڻ لڳو. هِن رسالي جا ايڊيٽر ڊاڪٽر مدد علي ميرزا ۽ سيد وڌيل شاه موسوي هئا. هن رسالي ۾ گھڻو ڪري شيعه مسلڪ سان وابسته مواد ڇاپيو ويندو هو. ان کان علاوه اسلامي تاريخ ۽ تمدن تي به معلوماتي مواد شايع ڪيو ويندو هو. هي رسالو 44 صفحن تي مشتمل هوندو هو. رسالي جي ساليانه قيمت اڍائي رپيه هئي. هيءُ رسالو سکر جي امر پرنٽنگ پريس مان ڇپبو هو. هيءُ رسالو سنڌالاجي جي لائبريري ۾ موجود آهي.


لفظ صراط المستقيمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو